جانو ڌاڙيل فلم

جانو ڌاڙيل (فلم): اتحاد فلمز پراڊڪشن جي پيشڪش هيءَ جزوي رنگين سنڌي فلم جمعي 26 اپريل 1985ع تي رليز ٿي. هن فلم جو هدايتڪار اصغر علي خان هو. جڏهن ته اداڪارن ۾ بابر سلطان، ريٽا، محمد صديق، حنا شيرازي، وسيم، اسلم قادري، بينا شيرازي، راجو البيلي، فريده قريشي، ابو راهي، رشيد خمار، حيدر سلطان ۽ شهزاد دراني اداڪارن ۾ شامل هئا. هيءَ فلم ناز سئنيما ڪراچي، شمس سئنيما حيدرآباد، ايمپائر سئنيما لاڙڪاڻي، ريگل سئنيما نوابشاهه، ريڪس سئنيما ٽنڊي آدم، تاج سئنيما ٽنڊي محمد خان، محفل سئنيما هالا، نشاط سئنيما شهدادڪوٽ، ٽالپور ٽاڪيز سئنيما خيرپور ميرس ۾ پردي تي ڏيکاري ويئي. هيءَ فلم نج سماجي معاملن تي ٺهيل هئي، جنهن ۾ هڪ هاريءَ جي پٽ جو وڏيري جي ظلمن کان تنگ ٿي ڏوهاري بڻجڻ وارو پهلو نمايان ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو